سنڌ پيپلز ڪلچرل ائنڊ آرٽس ڪائونسل

سنڌ پيپلز ڪلچرل ائنڊ آرٽس ڪائونسل: هي سوسائٽي 1972ع ۾ سنڌ آرٽ ائنڊ ڊرئميٽڪ سوسائٽيءَ جي نالي سان قائم ڪئي وئي، جنهن جو بعد ۾، 1973ع ۾ نالو بدلائي ’سنڌ پيپلز ڪلچرل ائنڊ آرٽس ڪائونسل‘ (سپڪاڪ) رکيو ويو. هن سوسائٽيءَ جا بانيڪار اسرار شام ۽ اشرف بلوچ هئا. هن سوسائٽيءَ پاران مشهور ناٽڪ ’لوئي ۽ لڄ‘ حيدرآباد کانسواءِ قاضي احمد، خيرپور، روهڙي ۽ ٽنڊي ڄام ۾ پيش ڪيو ويو. ان کانسواءِ هن منڊليءَ پاران الطاف سومري جا ٻه ناٽڪ ’زندگي يا طوفان‘ ۽ ’زندگي يا موت‘، اشرف بلوچ جا ’هيبت خان‘ ۽ ’ڌرتي ۽ ماءُ‘ ۽
قاسم فانيءَ جو ماڊرن هير رانجهو پيش ڪيا ويا. هن ڊرئميٽڪ سوسائٽيءَ جو هدايتڪار اشرف بلوچ ۽ اداڪار نازلي، ڪشور الماس، تبسم ناز، فريده، ابو بلاول، رشيد همدم، ايم. ملوڪ، روبينه الماس، شبانه ناز، جميله اقبال، الطاف سومرو، اسرار شام، اشرف بلوچ، منظور مراد، عاشق انصاري، سليم غوري، ناصر بلوچ، فضل ٽالپر، محمد علي، حشمت جگو، زاهد مرزا، قاسم فاني، تسليم ملڪ، سروڻ ڪمار ۽ انور رنگيلو هئا


هن صفحي کي شيئر ڪريو